سلمان خان جو پنهنجي سڀ کان ڊگهي رشتي جو انڪشاف

ممبئي: ناليواري اداڪار سلمان خان جي باري ته سڀ ڪنهن کي خبر آهي، سندس بابت سڀ کان وڌيڪ جيڪي خبرون ميڊيا ۾ هلنديون آهن اهي هڪ ته ان جي شادي بابت ۽ ٻيو ان جي نيڪ نيتي يا دريادلي جي بابت هونديون آهن.
شادي جي حوالي سان سلمان خان جي نالي چيو ويندو آهي ته هو مختلف وقتن ۾ مختلف باليووڊ اداڪارن سان پيار محبت واري دور مان گذريو آهي.
ان سان گڏ انجي ”بينگ هيومن“ جي حوالي سان به سڀ ڪنهن کي خبر ئي هوندي، سلمان خان ٻارن ۽ مجبور ماڻهن سان به تمام گهڻي محبت ۽ مدد ڪندڙ اداڪار آهي.
تنهن هوندي به هن فلمن توڙي زندگي جي ٻين شعبن سان سلهاڙيل شين جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي جنهن ۾ هن ٻڌايو آهي ته سندس سڀ کان ڊگهي ۾ ڊگهو رشتو ڪنهن سان رهيو؟
سلمان خان جو چوڻ آهي ته سندس سڀ کان ڊگهي ۾ ڊگهو رشتو ناليواري ريئلٽي شو بگ باس سان جڙيل آهي.
اداڪار هن وقت پنهنجي نئين فلم ٽائيگر 3 جي شوٽنگ لاءِ اداڪارا ڪترينا ڪيف سان گڏ آسٽريا ۾ آهي جتي هن هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي مختلف سوالن جا دلچسپ جواب ڏنا آهن.
پريس ڪانفرنس دوران هن پاڻ تي طنز ڪندي چيو ته ريئلٽي شو بگ باس سان هڪ ڏهاڪي کان منهنجو ڊگهو ترين رشتو آهي، بگ باس سان منهنجو رشتو واحد رشتو آهي جيڪو ڊگهي عرصي کان جاري آهي.
هن چيو ته بگ باس منهنجي زندگي ۾ مستقبل مزاجي آندي آهي، جيتوڻيڪ اسان هڪٻئي کي ڪيترن ئي مهينن تائين اکين جي اڳيان ناهيون ڏسندا پر سيزن جي خاتمي وقت جڏهن اسان هڪٻئي کان الڳ ٿيندا آهيون ته هڪ ڀيرو ٻيهر ملڻ جي لاءِ بيچين هوندا آهن.
هڪ ٻئي سوال جو جواب ڏيندي سلمان خان پاڻ ۾ ۽ بگ باس ۾ هڪ گڏيل شيءِ بابت به انڪشاف ڪيو، سلمان خان جو چوڻ هو ته اسان ٻئي غير شادي شده آهيون، اسان ٻئي بنا ڪنهن مداخلت جي پاڻ کي باس سمجهي سگهندا آهيون پر مونکي جيڪو گهرجي اهو ناهي ملندو.
واضح رهي ته سلمان خان بگ باس جي سيزن 15 جي به ميزباني ڪندو جڏهن ته بگ باس 15 جو پريميئر شو هلندڙ سال آڪٽوبر ۾ ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔