هاڻ معذور به اشارن جي مدد سان اينڊرائيڊ فون استعمال ڪري سگھندا

هاڻ معذور ماڻهو چهري جي اشارن جي مدد سان اينڊرائيڊ موبائل فون استعمال ڪري سگھندا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب گوگل ڳالهائڻ کان محروم ۽ جسماني معذور ماڻهو هاڻ پنهنجي ڀرون (Eye Brows) ۽ پنهنجي مُرڪ ذريعي اينڊرائيڊ موبائل فون کي هلائي سگھن ٿا.
گوگل موجب ٻه نوان ٽولز مشين لرننگ ۽ فرنٽ ڪيمرا سمارٽ فونز تي لڳايا ويا آهن ته جيئن چهري ۽ اکين جي حرڪتن جو پتو لڳائي سگھجي.
گوگل جو چوڻ آهي ته واهپيدار پنهنجي فون جي اسڪرين اسڪين ڪري سگھن ٿا ۽ مُرڪندي، ڀرون مٿي ڪري، وات کولي، کاٻي يا سڄي پاسي ڏسي ڪو به ٽاسڪ چونڊي سگھن ٿا.
گوگل جو وڌيڪ چوڻ هو ته اينڊرائيڊ فون کي هڪ لاءِ وڌيڪ پهچ جوڳو بڻائڻ لاءِ، اسان نوان ٽولز لانچ ڪري رهيا آهيون جنهن سان پنهنجي فون کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ چهري جي اشارن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سولو ٿي ويو آهي.
گوگل موجب لکين ماڻهو پنهنجي آواز (Voice Commands) جي مدد سان پنهنجي سمارٽ فون کي استعمال ڪري رهيا آهن پر اهي جيڪي ڳالهائڻ کان محروم آهن انهن لاءِ ڏکيو ٿي ويندو آهي.
گوگل جو چوڻ آهي ته معذور ماڻهن لاءِ ٻه نوان فيچر، پهريون ڪيمرا سوئچز (Camera Switches) جنهن جي مدد سان واهپيدار موبائل کي دٻائڻ ۽ سوائپ ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي چهري جي مدد سان اينڊرائيد فون استعمال ڪري سگھندا.
ان کان سواءِ ٻيو اينڊرائيڊ فيچر جنهن جي مدد سان واهپيدار پنهنجي اشارن جي مدد سان ميسيجز، فون ڪالز ڪري سگھن ٿا.
گوگل موجب اها فري ايڪٽِيويٽ ايپ گوگل جي پلي اسٽور تي آسٽريليا، برطانيا، ڪينيڊا ۽ آمريڪا ۾ دستياب آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔