عمر شريف کي آمريڪا منتقل ڪرڻ لاءِ ايئر ايمبولينس کي پاڪستان اچڻ جي اجازت

ڪراچي: معروف ڪاميڊين ۽ اداڪار عمر شريف کي علاج لاءِ آمريڪا منتقل ڪرڻ لاءِ ايندڙ ايئر ايمبولينس کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ملي وئي. سول ايوي ايشن اٿارٽي (ي اي اي) عمر شريف کي وٺڻ لاءِ آمريڪا مان اچڻ واري ايئر ايمبولينس کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ايئر ايمبولينس 26 سيپٽمر جي رات 11 وڳي ڪراچي ايئرپورٽ تي لينڊ ڪندي جنهن جي ڪال سائن 1264 IFA آهي، جڏهن ته ڪپتان سان گڏ 5 ڪريو ميمبرز به ايئر ايمبولينس ۾ پاڪستان ايندا. واضح رهي ته اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف مختلف مرضن ۾ مبتلا آهي جنهن جو ڪراچي ۾ هڪ نجي اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔