اميد ڪجي ٿي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي: شاھ محمود قريشي

نيويارڪ : پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾امريڪي هم منصب سان ملاقات ڪئي، سندس چوڻ آهي ته اميد ڪجي ٿي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي نيويارڪ ۾امريڪي هم منصب انٽوني بلنڪن سان ملاقات ڪئي، ان حوالي سان امريڪي پرڏيهي کاتي پاران بيان پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

ان موقعي تي شاهه محمود قريشي افغانستان ۾وسيع بنياد واري حڪومت جي قيام تي زور ڏنو.

سندس چوڻ هو ته اميد آهي ته دنيا افغانستان کي اڪيلو ڇڏڻ جي غلطي نه ورجائيندي.

امريڪي پرڏيهي وزير اينٽوني بلنڪن امريڪي شهرين جي محفوظ نيڪالي ۽ خطي ۾امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو.

شاهه محمود قريشي امريڪي پرڏيهي وزير کي ڪشمير ۾جاري انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين کان پڻ آگاهه ڪيو.

پرڏيهي وزير ڀارتي ظلمن جو شاهديون به پڻ اينٽوني بلنڪن حوالي ڪيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔