عمران خان تبديلي تي ڀرپورعمل ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه

سکر: پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي واپسي پرڏيهي پاليسي جي ناڪامي آهي.

سکر ۾ احتساب عدالت ۾ پيشيءَ جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪنهن جي چوڻ تي ترڪي ڪانفرنس ۾ شرڪت ناهيون ڪندا، ڪڏهن ڪڏهن اسان اهڙو فيصلو ڪندا آهيون جيڪي نه ڪرڻ گهرجي.

پ پ اڳواڻ جو چوڻ هو ته موجوده حڪمرانن جي پرڏيهي پاليسي ناڪام ترين آهي، غير ملڪي ٽيمون هوم گرائونڊ ۾ کيڏڻ ڇو نٿيون اچن اها انهن کي ئي خبر آهي.

خورشيد شاهه چيو آهي ته تبديلي جي حوالي سان عمران خان ڀرپور عمل ڪري رهيو آهي، ڊالر 170 تي پهچي ويو، مهانگائي وڌي رهي آهي، جيڪا هن ڳالهه جي ثبوت آهي.

هن چيو ته ماڻهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي، هي به تبديلي آهي، ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي هي به تبديلي آهي، قرض لاهڻ جون دعوائن جي حقيقت سامهون نٿي آندي وڃي اها به تبديلي آهي.

هن چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي عملدرآمد ممڪن ناهي، پرچي ٺاهيو ووٽر کي ڏيو جيڪو ٺپو لڳاي بيلٽ باڪس ۾ وجهي، نه ته ائين نه ٿئي جو ٺپو لڳي شير تي ۽ ووٽ نڪري تير جو.

هن چيو ته ملڪ ۾ اتحاد ٺهندا ۽ ڊهندا آهن، جيڪڏهن عمران خان عقلمند هجي ها ته ملڪي مفاد ۾ اپوزيشن سان گڏ ويهي ها.

هن کان اڳ خورشيد شاهه کي ڪرپشن ڪيس ۾ جيل مان احتساب عدالت آندو ويو جتي مختصر ٻڌڻي بعد عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔