سکر انتظاميا جَي حال جِي خبر آهي، ڇا ڇڏيو اٿئو، سڄو شهر ته تباهه آهي: چيف جسٽس

ڪراچي: چيف جسٽس سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ سکر انتظاميا جَي حال جِي خبر آهي، ڇا ڇڏيو اٿئو، سڄو شهر ته تباهه آهي.

 چيف جسٽس  طرفان لب مهراڻ پارڪ ڪيس ۾ سکر شهر جي حالت ۽ ڪَڇُن جِي سار سنڀال نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

 چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا ته ڪُڇون سنڌو درياءَ مان نڪري گاڏين هيٺان اچي مري ويندا آهن، انڌي ٻلهڻ جو به نسل ختم ٿي رهيو آهي، عدالت طرفان سنڌ سرڪار ۽ سکر انتظاميا کي ڪَڇون لاءِ محفوظ لنگهه ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ويو.

وائيلڊ لائيف، آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ۽ ڪمشنر کي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو، لبِ مهراڻ ٽوئرِزم منصوبو قانون پٽاندڙ جاري رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.

سئي گئس جي برطرف ملازمن جو سپريم ڪورٽ رجسٽري تائين مارچ

سئي گئس ڪمپني مان برطرف ٿيل ملازمن طرفان ڪراچي پريس ڪلب کان سپريم ڪورٽ رجسٽري تائين مارچ ڪيو ويو، مظاهرين رڪاوٽون هٽائي سپريم ڪورٽ آڏو ڌرڻي ۾ ويهي رهيا، ڪجهه ملازم بيهوش ٿي ويا، گئس ڪمپني مان برطرف ٿيل سوين ملازمن کي جلد بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔