ڀارتي ڳجهي ايجنسي جا پول پڌرا، اڳوڻي ”را“ ايجنٽ جا اهم انڪشاف

اسلام آباد: ڀارت جي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو پاڪستان ۾نيٽورڪ ريسرچ اينڊ اينالائيسز ونگ ”را“ جي اڳوڻي ايجنٽ ئي بي نقاب ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي ”را“ جو جاسوس نيٽورڪ هن ڀيري پاڻ هڪ ڀارتي ٽي وي چينل ئي بي نقاب ڪيو آهي.
پرو پنجاب ٽي وي سان ڳالهائيندي ”را“ جي اڳوڻي جاسوس ڊينيل انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ”را“ طرفان پاڪستان ۾ بم ڌماڪا ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو هو.
ڊينيل اهو به انڪشاف ڪيو ته جاسوسي جي لاءِ ماڻهو رڳو ڀارت ئي موڪليندو آهي جڏهن ته پاڪستان ائين ناهي ڪندو.
ڀارتي چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ را جي اڳوڻي ايجنٽ ڊينيل اهو به اعتراف ڪيو ته هن پاڪستان ۾ ڀارت جي لاءِ جاسوسي ڪئي ۽ پڪڙجي به پيو ۽ پاڪستان ۾ چار سال جيل ۾ رهيو.
ڊينيل ڀارتي فوج ۽ ”را“ جي هڪ ٻئي جاسوس راجو بابت به ٻڌايو ۽ چيو ته اهو هاڻي به پاڪستان ۾ قيد آهي.
ڊينيل چيو ته سندس واپسي کانپوءِ ڀارتي حڪومت کيس 15 هزار رپيا ڏئي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو ۽ هاڻي هو غربت واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.
اڳوڻي ڀارتي ايجنٽ جو اهو به چوڻ هو ته ”را“ هاڻي به پاڪستان ۾ پنهنجي سرگرمين ۾ ملوث آهي، هن اهو به چيو ته پاڪستاني تمام گهڻا سُٺا هوندا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔