سنڌ جي مڪاني ادارن جا 17 آفيسر نااهل قرار ڏئي عهدن تان فارغ

ڪراچي: سنڌ جي مڪاني ادارن جا 17 آفيسر نااهل قرار ڏئي عهدن تان فارغ ٿي ويا، فارغ ڪيلن ۾ اڪائونٽس آفيسر، سينيئر ڪلارڪ ۽ يوسي سيڪريٽري شامل آھن، فارغ ڪيلن ۾ ڪنڌڪوٽ، ميرپورخاص، دادو سميت مختلف ٽائون ڪميٽيز جا آفيسر شامل آھن. گهارو، گهوڙا ٻاري، هڱورو، نئون ڪوٽ، هالاڻي، احمد پور جا آفيسر به فارغ ڪيلن ۾ شامل آھن، فارغ ڪيلن ۾ نبي سر روڊ، ٽنڊو مير علي، پير ڳوٺ، باڊهه، هوسڙي جا آفيسرز به شامل آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔