سنڌ ھاءِ ڪورٽ اعجاز جکراڻي جي نيب انڪوائري ۾ حفاظتي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جيلن واري صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جِي نيب انڪوائري ۾ حفاظتي ضمانت ۾ 4 آڪٽوبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته اعجاز جکراڻي سپريم ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي آهي، کيس گرفتار نه ڪنداسين. اعجاز جکراڻي جَي وڪيل نيب پراسيڪيوٽر جو موقف بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏيندي موقف اختيار ڪيو ته سندس اصيل خلاف مختلف انڪوائريز هلي رهيون آهن، سپريم ڪورٽ مان ضمانت ڪرائڻ باوجود اعجاز جکراڻي کي طلبي جا نوٽيس جاري ڪيا، عدالت اعجاز جکراڻي جي ضمانت ۾ واڌ ڪندي 10 ڏينهن اندر سپريم ڪورٽ مان درخواست واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔