عورتن کي خانداني وراثت جو حق پنهنجي حياتي ۾ ئي وٺڻو پوندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ چيو آھي تھ عورتن کي خانداني وراثت جو حق پنهنجي حياتي ۾ ئي وٺڻو پوندو، عورتون پنهنجي زندگي ۾ حق نٿيون وٺن ته سندن اولاد به دعويٰ نٿو ڪري سگهي، سپريم ڪورٽ پشاور ۾ ناناڻن جي ملڪيت تي ٻارن جي حق بابت درخواست رد ڪري ڇڏي. جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته قانون وراثت ۾ عورتن جي حق کي تحفظ مهيا ڪري ٿو، ڏسڻو پوندو ته عورتون پاڻمرادو اُنهي حق تان هٿ کڻن يا دعويٰ نه ڪن ته ڇا ٿيندو؟ پشاور واسي ٻن ڀيڻين جي ٻارن طرفان ناناڻن جي ملڪيت تي حق نه ڏيڻ وارو هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، سپريم ڪوٽ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔