سنڌ ڪابينا بجلي بلن وسيلي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

ڪراچي: سنڌ ڪابينا بجلي بل ذريعي ٽيڪس گڏ ڪرڻ لاءِ ايم او يو سائن ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي. سنڌ ڪابينا ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي ايم او يو تي صحيحون ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جنهن کانپوءِ ڪي ايم سي جا 2 ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ گڏ ڪندي.واضح رهي ته سنڌ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جو فائر ۽ ڪنزرويونسي ٽيڪس ڪي اليڪٽرڪ بلز ذريعي گڏ ڪيو وڃي. ان کان علاوه ، سنڌ حڪومت هڪ وڌيڪ ٽيڪس يوٽيلٽي بل ۾ گڏ ڪرڻ جي تياري ڪري رھي آھي.سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جي ترجمان موجب گند ڪچرو کڻڻ وارو ٽيڪس سوئي گيس بل ۾ شامل ڪيو ويندو ۽ ان حوالي سان سوئي سدرن کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔