سکر ۾ ويڪسين نه ڪرائيندڙ وڌيڪ 38 ڄڻا گرفتار

سکر: ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف سکر پوليس جون ڪارروايون جاري آهن، اڄ پوليس مختلف ٿاڻن جي حدن ۾ چڙهايون ڪري 38 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو. پنوعاقل، دادلو ۽ سانگي ۽ ٻين ٿاڻن تي 7 ايف آء آرز داخل ڪيون ويون. گذريل ڏينهن پوليس ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪري 91 ڄڻن کي گرفتار ڪري مٿن 16 ايف آء آرز داخل ڪيون هيون۔ ايس ايس پي سکر جو چوڻ آهي ته ويڪسين نه ڪرائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو۔ ويڪسين ڪرائيندڙ شهري پاڻ سان گڏ ويڪسينيشن ڪارڊ کڻي نڪرن۔

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔