سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن جِي برساتن روڊ رستا ٻوڙي ڇڏيا

سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي ۾ ڪجهه ڪلاڪن جِي برساتن روڊ رستا ٻوڙي ڇڏيا، مک شاهراهن ۽ ڪيترن ئي علائقن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو. مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهڻ ڪري روڊ رستن تي گاڏين جون قطارون لڳايون ويون، ڪي اليڪٽرڪ جا 200 فيڊرز بند ٿي ويا، شهر جَي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي. موسميات کاتي پاران ڪراچي ۾ 25 سيپٽمبر تائين برسات پوڻ جِي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، موسم جِي خرابي سبب ڪراچي هوائي اڏي تي آپريشن متاثر ٿي ويو. دبئي کان ڪراچي ايندڙ اڏام جِي نوابشاهه ۾ لينڊنگ ڪرائي وئي. بدين، گهارو، چوهڙ جمالي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي آهي، وسڪاري بعد هيٺانهن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔