شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي شروعات، سيڪيورٽي جا انتظام سخت

هالا: لاکيڻي لطيف شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي 278هين عرس مبارڪ جي شروعات ٿي وئي آهي. عرس جي موقعي تي سموري سنڌ ۾ اڄ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب هر سال جيان هن سال به صفر جي 14 تاريخ تي مشهور صوفي بزرگ شاه عباللطيف ڀٽائي جو 278هون عرس انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. عرس مبارڪ جي 3 ڏينهن وارين غير سرڪاري تقريبن جي شروعات ٿي وئي آهي. سجاده نشين سيد خاور حسين شاه چادر چاڙهي عرس جو  افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي سيد خاور حسين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي فيصلي جو احترام ڪندي ايس او پيز تحت رسمون ادا ڪري رهيا آهيون. پانڌئيڙن کي به گهرجي ته ايس او پيز تي عمل ڪن، حڪومتي فيصلي جو احترام ڪيو وڃي. لطيف سرڪار امن ۽ محبت جو درس ڏنو آهي. اسان سڀني کي امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

عرس جي موقعي تي درگاهه تي زائرين جي وڏي انگ ۾ آمد جاري آهي. ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سيڪيورٽِي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن. ان سان گڏ ئي عرس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪرڻ جو به حڪم جاري ڪيو ويو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔