ڪرپٽ نظام مان فائدو وٺندڙ اي وي ايم مشين جي مخالفت ڪري رهيا آهن:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آھي ته ڪرپٽ نظام مان فائدو وٺندڙ اي وي ايم مشين جي مخالفت ڪري رهيا آهن، ٿورن ماڻهن جي مافيا چونڊ طريقيڪار ۾ تبديلي نٿي چاهي، اهي ماڻهو ئي سڀ کان وڌيڪ اسان جا دشمن آهن.

تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ ذاتي مفاد رکندڙ تبديلي نٿا چاهين، اُهي ئي ماڻهو اي وي ايم جي مخالفت ڪن ٿا، ملڪ ۾ عام چونڊون ۽ سينيٽ اليڪشن تڪراري رهيون، اڄ تائين ڪنهن نه سوچيو ته اليڪشن سسٽم کي ڪيئن ٺيڪ ڪرڻو آهي، ٻڌايو ته ڇا اسان کي ائين هلڻو آهي، واضح آهي ته اليڪٽران ووٽنگ مشين سان اليڪشني مسئلا حل ٿي ويندا، ڪرپٽ سسٽم مان فائدو وٺندڙن کانسواءِ ٻيا ماڻهو ڇو اِن مشين کي قبول نه ڪندا، اي وي ايم جي مخالفت مان سمجهي وڃو ته حڪومت وڏي چئلينج کي منهن ڏئي رهي آهي.

  • TAG

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔