ڪراچي ننهن کان چوٽيءَ تائين گند آهي، هي آهي ڪراچي شهر، هي شهر نه ڪچرو آهي:چيف جسٽس

ڪراچي: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ ڪراچي ننهن کان چوٽيءَ تائين گند آهي، هي آهي ڪراچي شهر، هي شهر نه ڪچرو آهي، سنڌ کي هر سال اربين رُپيا ملن ٿا، پوءِ به چئو ٿا پئسا نه آهن، اي جي سنڌ جو رويو ڏسو، سنڌ سرڪار کي شرم اچڻ گهرجي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ حددخلين خلاف ڪيسز بابت ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏنا.

 چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته ڪراچي ۾ غيرقانوني اڏاوتن جي ڀرمار آهي، اڃا تائين اهڙي ڪابه صورتحال نظر ناهي آئي جو هڪ انچ به ڪم ٿيو هجي، سمنڊ ڪناري تي هجڻ باوجود شهر ۾ رستا ٽٽل آهن، بجلي جون تارون لٽڪي رهيون آهن، ٿوري برسات ٿئي ته پاڻي بيهجي ويندو آهي، ٻارڙا به ڀلي ٻڏڻ ڏيو، ڪنهن کي ڪوبه فرق نٿو پوي.

 سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ نالن جَي متاثرن جِي بحالي لاءِ پئسا نه هجڻ بابت اي جي سنڌ جي بيان تي چيف جسٽس گلزار احمد طرفان ريمارڪس ڏنا ويا، عدالت چيو آهي ته سنڌ سرڪار چئي ٿي ته نالن جي متاثرن کي بحال ڪرڻ لاءِ فنڊز نه آهن، اي جي سنڌ جو عدالت اڳيان اهڙو بيان مناسب نه آهي.

 چيف جسٽس چيو تھ ماضي ۾ سنڌ حڪومت چوندي رهي آهي ته متاثرن جي بحالي جو ڪم ڪنداسين، متاثرن جي بحالي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، سنڌ حڪومت متاثرن جي بحالي يقيني بڻائي ۽ کين سموريون گهربل شيون مهيا ڪري.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔