ڪورونا جي چوٿين لهر جا وار جاري، وڌيڪ 47مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد:  ڪورونا وائرس و گهي 47 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 27 هزار 374 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 98 هزار 238 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2 هزار 333 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 24 هزار 701، سنڌ ۾ 4 لک 52 هزار 267، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 71 هزار 874، بلوچستان ۾ 32 هزار 796، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 264، اسلام آباد ۾ هڪ لک 4 هزار 472، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 33 هزار 864 ڪيسز رپورٽ ٿيا. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين هڪ ڪروڙ 90 لک هڪ هزار 178 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 51 هزار 139 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 11 لک 40 هزار 917 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. جڏهن ته 4 هزار 641 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا وگهي هڪ ڏينهن دوران 47 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن جنهن کان پوءِ موذي وائرس وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 27 هزار 374 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 12 هزار 470، سنڌ ۾ 7 هزار 295، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 444، اسلام آباد ۾ 905، بلوچستان ۾ 345، گلگت بلتستان ۾ 182 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 733 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔