افگجغانستان ۾ گڏيل حڪومت لاءِ طالبان سان ڳالهيون شروع ٿي ويون:وزيراعظم

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) افعانستان ۾ گڏيل حڪومت لاءِ طالبان سان ڳالهيون شروع ٿي ويون، دوشنبي پهتل وزيراعظم افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتن بعد ٽوئيٽ بيان ڏنو آھي. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ گڏيل حڪومت خطي جي مفاد ۾ آهي، گڏيل حڪومت ۾ تاجڪ، هزاره ۽ ازبڪ نمائندن کي شامل ڪرڻ لاءِ طالبان سان ڳالهيون شروع ٿي ويون، گڏيل حڪومت سان چئن ڏهاڪن کان جاري تڪرار ختم ٿي ويندو ۽ افغانستان ۾ امن يقيني بڻايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔