عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو آھي، نواز ليگ جو ڪنھن سان جھيڙو يا دوستي ناھي:شھباز شريف

سيالڪوٽ: اپوزيشن ليڊر شھباز شريف چيو آھي تھ پنجاب جي ڪئنٽونمينٽ علائقن ۾ بلدياتي چونڊن دوران پي ٽي آءِ کي بدترين شڪست ملي، عوام پي ٽي آءِ کي رد ڪري ڇڏيو، اپوزيشن ليڊر شهباز شريف سيالڪوٽ ۾ ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪيو. شھباز شريف چيو تھ عمران خان جي سرڪار عوام کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي، ماڻھو خودڪشين تي مجبور آھن. احسن اقبال ۽ ٻين ليگي اڳواڻن خطاب دوران چيو آهي ته 3 سال گذرڻ باوجود حڪومت سي پيڪ تي هڪ ڊالر جو به نئون منضوبو شروع نه ڪيو، نواز ليگ جو ڪنهن سان جهيڙو يا دوستي نه آهي، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ ڪرپشن بُلند سطح تي پهچي وئي، خوف آهي ته حڪمرانن جي ناقص پاليسيز سبب افعانستان به پاڪستان کان اڳتي نڪري ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔