مداحن جي تنقيد تي پريانڪا چوپڙا ”يوٽرن“ وٺي ڇڏيو

ممبئي : بالي ووڊ جي ڪامياب ترين اداڪارا پريانڪا چوپڙا ريئلٽي شو ”دي ايڪٽيوسٽ“ جو حصو بڻجڻ تي معافي وٺي ڇڏي.
پريانڪا چوپڙا ريئلٽي شو”دي ايڪٽيوسٽ“ جو حصو بڻي ۽ آمريڪي ڳائڻي ۽ سونگ رائٽر اشر ۽ جولياني سان گڏ شو کي جج ڪندي.
دراصل اهو ريئلٽي شو 6 سرگرم ڪارڪنن جي ٽن ٽيمن تي ٻڌل هو، جيڪو سماجي مسئلن تي آواز اٿارڻ ۽ معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جو ڪم ڪندي آهي.
شو جو بنيادي مقصد اهو آهي ته ان ۾ حصو وٺندڙ تمام رانديگر هڪٻئي سان مقابلو ڪري معاشري ۾ تبديلي آڻين.
شو جي فارميٽ موجب ان ۾ 6 ماڻهو حصو وٺندڙ هئا، جن ۾ پريانڪا، اشر ۽ جولياني ان 6 ماڻهن جي ٽن ٽيمن جا جج هئا، شو ۾ اهي ٽيمون پنهنجو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هڪٻئي سان مقابلو ڪرڻ واريون هيون، جيڪا ٽيم بهتر مظاهرو ڪندي ان کي فاتح قرار ڏنو ويندو.
تازو ئي سوشل ميڊيا تي شو جي فارميٽ کي تڪراري بڻائي ان تي ماڻهن تنقيد شروع ڪري ڇڏي آهي.
شو بابت ماڻهن جو موقف آهي ته سماجي ڪارڪن هڪٻئي سان مقابلو ناهن ڪندا پر هن شو ۾ هڪٻئي جو سهڪار وٺي اهو سماجي تبديلي آڻڻ بابت هجڻ گهرجي ها، شو ۾ وڏيون وڏيون مهانگيون سليبرٽيز آڻي فضول پئسو ضايع ڪيو ويو، اهو پئسو ٽي وي شو بجاءِ سڌي ريت سماج ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ خرچ ڪيو وڃي ها.
ماڻهن شو جي اعلان بعد منفي ردعمل ڏيندي چيو ته شو کي بي حسيءَ جو نالو ئي ڏئي سگهجي ٿو.
پريانڪا چوپڙا ماڻهن جي راءِ بعد سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي آفيشل بيان جاري ڪندي چيو ته آئون پنهنجي چاهيندڙن کان معافي ٿي گهران.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔