عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي ويا، رپورٽ جاري

اسلام آباد : پاڪستان جي ڳڻپ واري کاتي مهانگائي جي حوالي سان هفتيوار رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب هڪ هفتي دوران مهانگائي ۾ وڌيڪ واڌ ٿي.
ڳڻپ واري کاتي جي رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ 22 شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي، 10 شيون سستيون ٿيون جڏهن ته 19 جا اگهه ساڳيا ئي رهيا.
کاتي موجب اٽي جي 20 ڪلو واري ٿيلهي جو اگهه 12 رپيا 11 پيسسا وڌي هڪ هزار 234 رپيا 18 پيسا ٿي ويو.
انگن اکرن موجب جيري مرغي جي في ڪلو اگهه ۾ 7 رپيا 30 پسا واڌ کانپوءِ ان جو اگهه 221 رپيا 77 پيسا في ڪلو ٿي ويو، هڪ هفتي ۾ گيهه 2 رپيا 45 پيسا في ڪلو مهانگو ٿي 345 رپيا 11 پيسا في ڪلو جو ٿي ويو آهي، جڏهن انڊا 5 رپيا 29 پيسا في درزن جي حساب ساب مهانگا ٿي ويا آهن.
انکانسواءِ ”ايل پي جي“ جي گهريلو سلينڊر جو اگهه 48 رپيا 32 پيسا وڌي جڏهن ته ڳائو گوشت، ٻاڪرو گوشت ۽ ڏهي جي اگهن ۾ به واڌ ٿي، بجلي جي اگهن ۾ به 43 پيسا في يونٽ واڌ ڪئي وئي آهي.
ڳڻپ واري کاتي موجب ٽماٽن جو في ڪلو اگهه 12 رپيا 47 پيسا گهٽجي ويو جنهن کانپوءِ ٽماٽا هاڻي في ڪلو 54 رپيا 62 پيسن تي في ڪلو ٿي ويا آهن، هڪ هفتي ۾ بصرن 4 رپيا 55 پيسا، پٽاٽا 2 رپيا في ڪلو، مڱن جي دال 4 رپيا، ماش جي دال 2 رپيا، چڻن جي دال هڪ رپيو 83 پيسا في ڪلو جي حساب سان گهٽ ٿيا آهن.
رپورٽ موجب دال مسور، ڪيلن ۽ ٿور جي اگهن ۾ به گهٽتائي رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔