آمريڪا جو عرب ملڪن کان اسرائيل جي حق ۾ وڏو مطالبو

واشنگٽن: اسرائيل ۽ عرب ملڪن جي لاڳاپن جي بحالي کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي آمريڪا جي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن هڪ بيان جاري ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ انٽوني بلنڪن چيو آهي ته امارات ۽ بحرين وانگر ٻيا عرب ملڪ به اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪن.
واشنگٽن مان ملندڙ اطلاعن موجب انٽوني بلنڪن وڌيڪ چيو ته آمريڪا پرامن سفارتڪاري جو دائرو وڌائڻ چاهي ٿو، آمريڪا اسرائيل جي امارات، بحرين ۽ مراڪش سان لاڳاپا وڌائڻ ۾ مدد ڪندو.
هن چيو ته اسرائيل سان سوڊان ۽ ڪوسووو سان لاڳاپا وڌائڻ ۾ به مددگار بڻبا سين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔