گذريل آگسٽ مهيني ۾ 7 ڪروڙ 40 لک ڊالر ٻاهرين سيڙپڪاري ٿي

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ موجب پاڪستان ۾ آگسٽ ۾ 7 ڪروڙ 40 لک ڊالرن جي ٻاهرين سيڙپڪاري ٿي آهي.
مرڪزي بينڪ چيو آهي ته آگسٽ ۾ ملڪي خانگي شعبي ۾ سڌي ريت سيڙپڪاري 11 ڪروڙ 32 لک رپيا رهي جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ مان هڪ ڪروڙ 36 لک ڊالر ڪڍيا ويا.
آگسٽ ۾ملڪي خانگي شعبي ۾ ٻاهرين سيڙپڪار 9 ڪروڙي 96 لک ڊالر رهي جڏهن ته سرڪاري شعبي ۾ آگست ۾ 2 ڪروڙ 55 لک ڊالرن جي نيڪالي ٿي آهي.
اسٽيٽ بينڪ جو چوڻ آهي ته مالي سال جي شروع واري ٻن مهينن ۾ ٻاهرين سيڙپڪارن هڪ ارب 16 ڪروڙ ڊالر سيڙپڪاري ڪئي آهي، خانگي شعبي ۾ 18 ڪروڙ 83 لک ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي آهي ۽ سرڪاري شعبي ۾ سيڙپڪاري 97 ڪروڙ 65 لک ڊالر رهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔