جاويد ميانداد انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل تي ڏمرجي پيو

ڪراچي: قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ عظيم بيٽسمين جاويد ميانداد نيوزيلينڊ طرفان پاڪستان دوري تان هٿ کڻڻ تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل تي ڇتي تنقيد ڪئي آهي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي جاويد ميانداد چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ڪنهن ٻئي ملڪ کان بهتر آهي، سريلنڪن ٽيم سان جيڪو ٿيو، اهو رٿابندي تحت ٿ يو.
هن چيو آءِ سي سي جو ڪهڙو فائدو، جيڪڏهن اها اهڙن معاملن تي نظر نٿي رکي، آءِ سي سي ايتري مضبوط ناهي، اڄڪلهه ڪرڪيٽ بورڊ وڌيڪ مضبوط آهن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي ان معاملي تي پنهنجو ردعمل ضرور ڏيڻ گهرجي، مون کي آءِ سي سي مان وڌيڪ اميد ناهي.
واضح ره يته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ اڄ کان راولپنڊي ۾ ون ڊي سيريز جي شروعات ٿيڻي هئي پر ميچ شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان جو دورو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي جواز ڄاڻايو ته سيڪيورٽي خدشن سبب اهو قدم کنيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔