دنيا جي 100 بااثر ترين ماڻهن جي فهرست، ملا برادر به شامل

آمريڪي ٽائم ميگزين 2021 جي 100 بااثر ماڻهن جي فهرست جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ افغانستان جي نگران نائب وزيراعظم ۽ طالبان جي سياسي آفيس جي سربراهه ملا عبدالغني برادر به شامل آهي.
ٽائم ميگزين هر سال جيان هن سال به مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 100 بااثر ترين ماڻهن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن ۾ سياستدان، فنڪار ۽ رانديگر به شامل آهن.
آمريڪي ميگزين جي رپورٽ موجب دنيا جي بااثر سياستدانن جي فهرست ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن، آمريڪي نائب صدر ڪاملا هيرس، چيني صدر شي جن پنگ ۽ اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ شامل آهن.
ان فهرست ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي، مغربي بنگال جي وڏو وزير ممتا بينرجي، ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ افغانستان جي نگران نائب وزيراعظم ملا عبدالغني برادر سميت ٻيا شامل آهن.
ٽائم ميگزين جي فهرست ۾ برطانوي شهزادو هيري ۽ ان جي گهرواري ميگهن مارڪل به شامل آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔