جيل مان فرار قيدي 30 سالن کانپوءِ گرفتاري ڇو ڏني؟

آسٽريليا جي جيل مان فرار ٿيندڙ هڪ قيدي حيرت انگيز طور تي پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
دنيا جي مختلف جيلن مان قيدين جي فراري جا واقعا ته ٿيندا رهندا آهن پر هن فراري کانپوءِ 30 سالن کانپوءِ پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪرڻ بابت هڪ دلچسپ سبب به سامهو آيو آهي.
خيبر ايجنسي موجب 30 سال اڳ آسٽريليا جي جيل مان فرار ٿيندڙ هڪ قيدي سڊني ۾ ڪورونا وبا دوران لاڳو لاڪ ڊائون جي ڪري بي گهر ٿيڻ جي ڪري پنهنجو پاڻ کي پوليس جي حوالي ڪيو.
مقامي پوليس موجب 64 سالا ڊار ڪو ڊيسڪ نالي شخص گذريل ڏينهن پوليس اسٽيشن تي آيو ۽ پاڻ کي پوليس حوالي ڪيو ۽ هن ٻڌايو ته هو 30 سال اڳ جيل مان فرار ٿي ويو هو.
پوليس چيو آهي ته ڊار ڪو مزوري ڪندو هو پر جون ۾ شروع ٿيندڙ سڊني جي لاڪ ڊائون هن کي بيروزگار ۽ بي گهر ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ هو روڊن تي سمهڻ لڳو، پوءِ هن انڪري پوليس کي گرفتاري ڏني ته جيئن هو جيل جي ڇت هيٺان رهي سگهي، هن فرار ٿيل قيدي کي عدالت اڳيان پيش ڪيو ويو پر هن پنهنجي ضمانت ڪرائڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب 1992 ۾ قانون جي گرفت مان فرار ٿيڻ جي الزام ۾ هن کي 7 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.
پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڊارڪو ڀنگ جو فصل پوکڻ تي ساڍي ٽن سالن جي سزا مان 13 مهينا جيل ۾ گذاريا هئا جنهن کانپوءِ هو جيل مان فرار ٿي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔