اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا جا بيلسٽڪ ميزائل تجربا

اتر ۽ ڏکڻ ڪوريا ٿوري ڪلاڪن جي وقفي کانپوءِ اڄ بيلسٽڪ ميزائلن جا تجربا ڪيا آهن.
آمريڪا اتر ڪوريا جي ميزائل تجربي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاتعداد قرار دادن جي ڀڃڪڙين ۽ پيانگ يانگ جي پاڙيسرين لاءِ خطرو آهي.
ڏکڻ ڪوريا اڄ آبدوز تان لانچ ڪيل بيلسٽڪ ميزائل جو تجربو ڪيو، صدر مون جي ان جو چوڻ هو ته اهو تجربو اڳواٽ ئي طئي ٿيل هو، اهو اتر ڪوريا جي تجربي جي جواب ۾ ناهي ڪيو.
ڏکڻ ڪوريا جي تجربي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ اتر ڪوريا گهٽ فاصلي تي مار ڪندڙ ٻه بيلسٽڪ ميزائلن جو تجربو ڪيو هو.
اتر ڪوريا ٻه ڏينهن اڳ به نون ڪروز ميزائل جو تجربو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔