حڪومت سياري ۾ گئس کوٽ جو مسئلو حل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد : ڪابينا جي توانائي ڪميٽي (سي سي او سي) سياري ۾ گئس جي بچت لاءِ ”سستي بجلي پيڪيج“ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪابينا جي توانائي ڪميٽي جو اجلاس وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سياري ۾ بجلي جي کپت وڌائڻ لاءِ سستي بجلي پيڪيج متعارف ڪرائڻ منظوري ڏني وئي.
پڌرائيءَ موجب سياري ۾ گئس جي محدود دستيابي هوندي آهي، ٿڌ کان بچڻ لاءِ گئس هيٽرز استعمال ڪيا ويندا آهن، تنهن ڪري گئس بچائڻ لاءِ سستي بجلي جو پيڪيج آندو پيو وڃي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اهو پيڪيج پهرين نومبر 2021 کان 28 فيبروري 2022 تائين هوندو، سستي بجلي پيڪيج تحت گهريلو واهپيدارن لاءِ 300 يونٽ کان وڌيڪ بجلي جي استعمال تي هر يونٽ جو اگهه 12 رپيا 66 پئسا هوندو، جيڪو هن وقت ساڍا 19 رپيا آهي.
اجلاس دوران ڪمرشل ۽ جنرل سروسز واهپيدارن لاءِ 12 رپيا 96 پئسا فڪس ريٽ جي تجويز به منظور ڪئي وئي، جڏهن ته سستي بجلي پيڪيج ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي شامل ڪرڻ جي به منظوري ڏني و

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔