عوام لاءِ بُري خبر، پيٽرول مهانگو ڪرڻ جون تياريون

اسلام آباد: آئل اينڊ گئس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن کي موڪلي ڇڏي.
ذريعن موجب اوگرا پيٽرول جي قيمت ۾ في ليٽر هڪ رپيو واڌ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 50 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گاسليٽ جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر ۽ لائٽ ڊيزل جي قيمت ۾ ساڍا 5 رپيا في ليٽر واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو ناڻي واري وزارت وزيراعظم سان مشاورت سان ڪندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔