ڌاٻيجي: بجلي جو بريڪ ڊائون، 72 انچ جي پائيپ لائين ڦاٽي پئي، هزارين گيلن پاڻي ضايع

ڌاٻيجي: ڌاٻيجي پمپ هائوس وٽ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب پاڻي جي 72 انچ جي پائيپ لائين ڦاٽي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

واٽر بورڊ انتظاميه جو چوڻ آهي ته 72 انچ جي پائيپ لائين ڦاٽڻ سبب هزارين گيلن پاڻي ضايع ٿي ويو، پائيپ لائين جو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته انتظاميه جي ملي ڀڳت سان هيوي لوڊر گذرڻ سبب پاڻي جون لائينون ڪمزور ٿي ويون جيڪي آئي ڏينهن ڦاٽي پون ٿيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔