وفاقي سرڪار پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ ڏهه سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪري ورتو

اسلام آباد: وفاقي سرڪار پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينه جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو جنهن ۾ ڪابينه سمورن پارليامينٽ ميمبرن جي پگهارن ۾ واڌ جي سمري تي فيصلو ڪندي. ان کان علاوه ڪابينه 14 نڪتن تي ٻڌل ايجنڊا تي به غور ڪندي.

وفاقي ڪابينه کي 20 ريگوليٽري اٿارٽيز جا چيئرمين ۽ ميمبرن جي معاوضن تي به رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ڪابينه نئين رويت لال ڪميٽي جي لاءِ قانونسازي جي منظوري ڏيندي ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين مٿان ايڊيشنل ڪسٽم ڊيوٽيز کي گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏيندي.

اجلاس ۾ 14 آگسٽ 2021 تي ايف بي آر ڊيٽا تي سائبر حملي جي حوالي سان آپريشنل ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي. جڏهن ته ڪابينه پينل سرچارج جي خاتمي، نادرا ميمبر جي مقرري، قائداعظم فائونڊيشن ايڪٽ 2021 جي به منظوري ڏيندي جڏهن ته وفاقي ڪابينه اقتصادي رابطه ڪميٽي جي اجلاس وارن فيصلن جي توثيق ڪندي. وفاقي ڪابينا ديامر بهاشا ڊوالپمينٽ ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽر جي نئين سري سان جوڙجڪ جي منظوري ڏيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔