لاسٿ ملنگا هر قسم جي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو

ڪولمبو: سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين فاسٽ بالر لاسٿ ملنگا هر قسم جي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
لاسٿ ملنگا ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ سان اڳ ئي رٽائرمينٽ وٺي چڪو آهي، جڏهن ته هاڻ ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ کانپوءِ سريلنڪن فاسٽ بالر جو انٽرنيشنل ڪيريئر مڪمل طور پڄاڻيءَ تي پهچي ويو آهي.
38 ورهين جو لاسٿ ملنگا هن سال جنوري ۾ فرنچائز ڪرڪيٽ کي به الوداع ڪري چڪو آهي.
ملنگا سريلنڪا طرفان 30 ٽيسٽ، 226 ون ڊي ۽ 84 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ ترتيب وار 101، 338 ۽ 107 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته هو 2014 ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽيندڙن سريلنڪن ٽيم جو ڪپتان به هو.
پنهنجي تازي بيان ۾ لاسٿ ملنگا چيو ته مان انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان، جن ان سفر ۾ منهنجو ساٿ ڏنو، ايندڙ وقت ۾ مان نوجوان ڪرڪيٽرن سان پنهنجا تجربا شيئر ڪرڻ جو منتظر آهيان.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔