باليووڊ جي بادشاهه ۾ خوف؟ شاهه رخ جي مداحن لاءِ خوشخبري

باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان جي مداحن لاءِ هڪ وڏي خوشخبري اچي وئي آهي.
شاهه رخ خان جا مداح 2018 کانپوءِ هن وقت تائين انتظار ۾ آهن ته ڪڏهن انهن جي سپر اسٽار جي نئين فلم رليز ٿيندي جنهن حوالي سان ڀارتي ميڊيا انهن کي خوشخبري ٻڌائي آهي.
ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته شاهه رخ خان جلد ڊجيٽل پليٽ فارم تي به پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ اچي رهيو آهي.
چيو پيو وڃي ته شاهه رخ خان ذزني هاٽ اسٽار سان گڏ هڪ ويب سيريز جو معاهدو ڪيو آهي جنهن جا تفصيل في الحال سامهون ناهن آيا.
گذريل ڏينهن باليووڊ جي هدايتڪار ڪرن جوهر طرفان شاهه رخ خان جو هڪ پوسٽر شيئر ڪيو ويو جنهن جي ڪيپشن ۾ لکيل هو ته هن ڪڏهن به نه سوچو هو ته باليووڊ جي بادشاهه کي پنهنجي گم ٿيڻ جو خوف وٺجي ويندو.
ٽوئيٽ تي اداڪار جواب ڏيندي چيو ته ”پڪچر تو ابهي باقي هي ميري دوستو“.
ٽوئيٽر تي شاهه رخ خان جي نالو ٽاپ ٽرينڊ بڻجي ويو ۽ مداحن اندازو لڳائي ورتو آهي ته هو جلد ڪنهن ويب سيريز جو حصو بڻبو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔