سڄي ملڪ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز جي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ 63 سيٽس کٽي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

اسلام آباد :سڄي ملڪ ۾ ڪنٽونمينٽ بورڊز جي اليڪشن ۾  پي ٽي آءِ 63 سيٽس کٽي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي، غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب نواز ليگ 59 سيٽس سان ٻئي نمبر تي اچي وئي، آزاد اميدوار 52 سيٽون کٽي ويا، پيپلز پارٽي 17، ايم ڪيو ايم پاڪستان 10 سيٽون کٽيون، جماعت اسلامي 7، بي اي پي ۽ اي اين پي جا 2-2 اميدوار ڪامياب رھيا.

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ۽ تحريڪ انصاف 14-14 سيٽس حاصل ڪري ورتيون، تحريڪ انصاف جا سڀ اميدوار ڪراچي مان ڪامياب ٿيا: پنجاب ۾ نواز ليگ 51 سيٽس کٽي پهرين پوزيشن ۾ اچي وئي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ تحريڪ انصاف کي شڪست: گجرانوالا ۾ تحريڪ انصاف 10 مان 6 سيٽون حاصل ڪيون، بهاولپور ۾ پي ٽي آءِ ڪامياب، خيبرپختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف جون سڀ کان وڌيڪ 18 سيٽس، بلوچستان جي 9 مان ٽن سيٽس تي پي ٽي آءِ، چار آزاد اميدوار ۽ 2 بلوچستان عوامي پارٽي کٽي ورتيون: پنجاب ۽ بلوچستان ۾ پيپلز پارٽي جو ڪوبه اميدوار ڪامياب ناهي ٿيو.

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔