وفاقي سرڪار پاران نئين سر آدم شماري ڪرائڻ جو اعلان

ڪراچي: وفاقي سرڪار نئين سر آدم شماري ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير اسد عمر ۽ علي زيدي جي ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران پ پ حڪومت تي تنقيدي چيو ته سنڌ سرڪار پاڻ آدم شماري جي ڊيٽا گڏ ڪئي ۽ وري احتجاج به ڪيو.

هنن چيو ته ڊجيٽڪل ٽيڪنالوجي سان نئين سر آدم شماري ڪئي ويندي، سمورين ڌُرين کي آدم شماري جي مرحلي ۾ شامل ڪيو ويندو، ڪوشش آهي ته 2023ع جي چونڊن کان اڳ ڪراچي ۾ نئين سر آدم شماري ڪرائي ٻيهر تڪ بند ڪئي وڃي.

وفاقي وزيرن جو چوڻ هو ته نئين سر آدم شماري وارو مامرو وفاقي ڪابينا جي منظوري بعد گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ رکيو ويندو، حتمي فيصلو سي سي آءِ ڪندي.

اسد عمر چيو آهي ته  هڪ سال اڳ وزيراعظم وڏي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو،  اڄ قائداعظم جي جي ورسي آهي ۽ شهر قائد ۾ ڇا پيا ڪريون، انهي بابت ٻڌائڻ ضروري هو.

هن چيو ته پنج منصوبا ڪراچي ٽرانسفيوشن پلان ۾ شامل هئا، گرين لائين لاءِ 80 بسون اچن پيون، 22 اسٽيشنز ٺاهيون ويون آهن، ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سسٽم جو ڪم مڪمل آهي، جيڪو سمورن ييلو، گرين ۽ ٻين کي ڪنٽرول ڪندو.

هن چيو ته آءِ ٽي اي سسٽم مڪمل ايندڙ مهيني ۾ ٿيندو، 20 سيپٽمبر کان سيڪيورٽي گارڊ ڪم ڪندا، معاهدو ٿي چڪو آهي، بسن جا ڊرائيور به اچي ويا آهن، 20 سيپٽمبر تائين جيڪڏھن بسون اچي ويون ته آڪٽوبر کان هلڻ شروع ٿينديون نه ته نومبر کان شروع ٿينديون.

اسد عمر چيو آهي ته نالن جي صفائي لاءِ 11 لک ٽن مٽيريل ڪڍڻو آهي، انهي سان گڏ سيوريج لائين، فوٽ پاٿ ٺاهيون پيا، 12 فوٽ جون ۽ 7 فوٽ جا 60 ڪلوميٽر روڊ به ٺهندا، جنهن لاءِ  34.5 ارب روپيا رکيا آهن، گجر نالي جو 100 سيڪڙو، اورنگي ۽ محمود آباد جو ڪم ڪافي ٿي چڪو آهي،،.

هن چيو آهي ته لياري ۽ ملير ۾ ڪم ڪنداسين،  ڪراچي سرڪيولر ريلوي ۾ چنيسر ڳوٺ مان اسين سفر ڪندا هئاسين، مونکي ڪافي ماڻهن چيو هو ته اهو ڪم نه ٿيندو، ڪي سي آر 43 ڪلو ميٽر تي 29 ڪلو ميٽر مٿانهين سطح تي ٽرين هلندي، 22 اسٽيشن ٺهنديون, روزاني چار کان ساڍا چار لک مسافر سفر ڪندا.

اسد عمر چيو آهي ته ڪجهه انڊر پاس، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين تي 27  ارب جو ڪاٿو لڳايو آهي، جنهن مان 6 لک سنڌ حڪومت ڏيندي، 30 سيپٽمبر کان اڳ انهي تي ڪم شروع ٿيندو، جنهن جو افتتاح وزيراعظم عمان خان ڪندو، هن روٽ تي خانگي پارٽنر ذريعي ٽرين هلندي جنهن تي ڪم مڪمل ڪيو ويندو.

هن چيو آهي ته 26 ڪروڙ گيلن روزاني پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪي فور منصوبي جو ڪم  فيبروري 2022 ۾ ٻيهر ڪم شروع ٿيندو، جيڪو آڪٽوبر 2023 تائين پهچي ويندو ۽ پاڻي فراهمي سنڌ حڪومت جي ذميواري هوندي، منصوبي کي 14 آگسٽ 2023 تائين مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  ڪي فور تقريبن 10ارب روپين جو هوندو.

اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي جي نالا، روڊ ۽ رستا نٿا ٺھن، 13سال لاڳيتو حڪومت هجڻ باوجود ڪم نه ٿيا، بلاول کي ياد ڏياريان ته سندس نانو چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو هو.

هن چيو آهي ته ڪراچي ۾ 7 ارب ۽ 65 ارب سڄي سنڌ ۾ ڪورونا دوران ورهايا ويا، سنڌ حڪومت جي ليڊرن جا وڏا وڏا ميسيج آهن، 10 ارب روپين کان وڌيڪ جي ويڪسين رڳو ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت لڳائي آهي، سنڌ حڪومت جو هڪ به ٽڪو ناهي لڳو، 25 ارب کان وڌيڪ رڳو ڪراچي ۾ لڳائينداسين، پر اهو ڪو احسان ناهي اهو ڪراچي جو پئسو آهي.

هن چيو آهي ته مردم شماري رڳو ڪراچي ۾ نه پر پوري ملڪ ۾ اشو رهيو آهي، مشرف 8 سال پ پ کان وڌيڪ سٺي حڪومت هلائي، پر هو مردم شماري نه ڪرائي سگهيو.

علي زيدي چيو  ته سنڌ حڪومت آدمشماري تي اعتراض ڪري ٿي پر اها انهن پاڻ ڪرائي هئي، ڪراچي جو بي تاج بادشاهه مرتضي وهاب کي اڃا ڪراچي قبول ناهي ڪيو، ڪچرو کڻڻ ۽ حددخليون هٽائڻ جو ڪم وقت سر ٿئي ها ته اهو ايڏو خرچ نه ٿئي ها.

هن چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ۽ عوام کي اپيل آهي ته سڀاڻي واري اليڪشن ۾ گذريل اليڪشن جيان سڪون ۽ امن پسندي سان ڪرائ ۽ اليڪشن ڪميشن ايئن اليڪشن ڪرائي ته جيئن سڀ قبول ڪن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔