اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، هڪ دهشتگرد مارجي ويو، 6 گرفتار

راولپنڊي: اتر وزيرستان جي علائقي حسو خيل ۾ سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو آهي. فائرنگ جي ڏي وٺ دوران هڪ  دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته ڇهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان جي علائي حسو خيل، مير علي ۾ ڳجهي اطلاع جي بنياد تي سيڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو آهي. آپريشن جي دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ هڪ دهشتگرد مارجي ويو جڏهن ته 6 کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔