نور مقدم قتل ڪيس: پوليس پاران عبوري چالان پيش، اهم انڪشاف

اسلام آباد:اسلام آباد ۾ اڳوڻي سفارتڪار جي قتل ٿيل ڌيءَ نور مقدم جي ڪيس ۾ پوليس اڻپورو عبوري چالان ۽ جوابدار ظاهر جعفر جو اعترافي بيان عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.

چالان ۾ چيو ويو آهي ته ڊي اين اي رپورٽ ۾ به ناري سان جنسي زيادتي جي تصديق ٿي آهي.

پوليس موجب جوابدار پنهنجي اعترافي بيان ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته نور مقدم شادي کان انڪار ڪيو هو، ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ جي رپورٽ اچڻ بعد ضمني چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس چالان ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدار ظاهر جعفر ٻڌايو ته نور مقدم شادي کان انڪار ڪيو ته کيس زبردستي ڪمري ۾ بند ڪيو ويو، چوڪيدار کي چيو گهر جي اندر ڪنهن کي اچڻ نه ڏي ۽ نه ئي نور مقدم کي ٻاهر وڃڻ ڏي، جوابدار نور مقدم جو موبائل فون ٻي ڪمري ۾ لڪائي ڇڏيو، جوابدار جي نشاندهي تي ان جي الماڙي مان بر آمد ٿيو.

عبوري چالان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدر والد کي نور مقدم جي قتل جو اطلاع ڏنو ته هن چيو گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي، اسان جا ماڻهو اچي رهيا آهن جيڪي لاش کي ٺڪاڻي لڳائي ڇڏيندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔