عمر شريف لاءِ هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي، سندس جان بچائي وڃي: گهرواري زرين غزل

ڪراچي: ڪاميڊي ڪنگ عمر شريف جي طبيعت خراب ٿي رهي آهي، سندس گهرواري زرين غزل جو ڇوڻ آهي ته هڪ هڪ منٽ عمر شريف لاءِ قيمتي آهي. جيڪڏهن هن کي آمريڪا منتقل نه ڪيو ويو ته سندس هتي اوپن هارٽ سرجري ڪرائڻي پوندي. اهو هن لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي زرين چيو ته وزيراعظم آفيس چيو هو ته ويزا لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ اميد آهي ته ويزا جلد جاري ڪيا ويندا.

عمر شريف ، جيڪو دل جي تڪليف ۾ مبتلا آھي ، صحتياب نه ٿيو آھي ۽ ڪراچي جي ھڪڙي خانگي اسپتال ۾ علاج ھيٺ آھي.

زرين غزل چيو ته هڪ هڪ منٽ عمر شريف لاءِ قيمتي آهي اسان کي عمر شريف لاءِ هڪ ايئر ايمبولينس جي به ضرورت پوندي ڇو ته سندس حالت اهڙي ناهي جو هو عام فلائيٽ تي سفر ڪري سگهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔