نائين اليون حملو، سعودي عرب جي ملوث هجڻ جا ثبوت نه مليا: جاچ سربراهه

ڪراچي: نائن اليون جاچ ڪميشن جي سربراهه ٽامس ڪين چيو آهي ته آمريڪا ۾ پيش ايندڙ واقعن ۾ سعودي عرب جي ملوث هجڻ جا ثبوت ناهن مليا، پر جهازن کي حملي کان روڪي سگهجي پيو.

سعودي حڪومت آمريڪا جي 11 سيپٽمبر جي دهشتگرد حملن بابت ڳجها دستاويز منظر عام تي آڻڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته هن مامري تي هميشه شفافيت ي زور ڏنو آهي، اميد آهي ته ڳجها دستاويز سامهون آڻڻ سان سعودي عرب جي خلاف بي بنياد الزام هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندا.

واضح رهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن حال ئي ۾ 11 سيپٽمبر 2021 تي ورلڊ ٽريڊ ٽاور تي ٿيل حملن بابت ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ جو حڪم ڪيو آهي.

آمريڪي صدر حڪومتي جاچ جي گجهن دستاويزن کي ايندڙ 6 مهينن ۾ جاري ڪرڻ واري حڪم نامتي تي صحيح به ڪري ڇڏي آهي.

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔