نيپرا بجلي هڪ روپيو اٺٽيهه پئسا في يونٽ وڌيڪ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي(نيپرا) بجلي جي قيمتن ۾ 1 روپيو 38 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيپرا جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 1 روپيو 38 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جيڪا سيٽمبر جي مهيني وارن بلن تي لاڳو هوندي.نيپرا بجلي مهانگي ٿيڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن موجب سي پي پي اي جي 1 روپيو 47 پئسا في يونٽ اضافي جي درخواست ڪئي هئي.اٿارٽي پهرين سيپٽمبر 2021 تي ايف سي اي تي عوامي ٻڌڻي ڪئي هئي جنهن جي روشني ۾ قيمتون وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔