تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي کوٽائي جو هلندڙ ڪم پوليس بند ڪرائي ڇڏيو

اڪري چودڳي : تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي کوٽائي جو هلندڙ ڪم ايس ايڇ او اڪري پوليس نفري ساڻ ڪري بند ڪرائي ڇڏيو. ايس ايڇ او جو چوڻ آهي ته صرف آرڪيالاجي وارن کي ڪم جي اجازت آهي، خانگي ماڻهن جي سائيٽ تي اچڻ توڙي ڪم ڪرڻ کان ڪورٽ منع نامو جاري ڪيو آهي. هن چيو ته پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر غلام مصطفيٰ يا اتي ڪم ڪندڙ آرڪيالاجي شاگرد ۽ مزدور آرڪيالاجي کاتي جا ناهن، هي خانگي ماڻهن ۾ شمار ٿين ٿا. جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر آرڪيالاجي غلام حسن بڙدي جو چوڻ آهي ته ايس ايڇ او وانگارو بڻجي قانون کان اڻڄاڻ ۽توهين عدالت جو مرتڪب ٿيو آهي، منهنجو ڪم ايڊمنسٽريشن سان آهي، جنهن به ماڳ جي کوٽائي جو ڪم ٿيندو اتي اسان آرڪيالاجي ماهر عارضي طور آرڪيالاجي کاتي جي معرفت اٿارائيزڊ ليٽر ڏئي مقرر ڪندا آهيون. ڊپٽي ڊائريڪٽر موجب پروفيسر غلام مصطفيٰ آرڪيالجسٽ محقق ۽تاريخدان آهي ۽ کاتي پاران مقرر ٿيل آهي، سائيٽ تي ڪم دوران کيس اسسٽنٽ طور آرڪيالاجي شاگرد مقامي مزدور رکڻ جو اختيار آهي، ايس ايڇ او اڪري جي اهڙي ڪريل حرڪت جي مذمت ڪريون ٿا. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر غلام مصطفي شر،آ رڪيالاجي شاگرد انيس احمد شر ۽ ٻين چيو ته تاريخي قديمي ماڳ ليلان جا آتڻ تي ايس ايڇ او ۽ ٻين اهلڪارن کوٽائي ڪندڙن سان بدتميزي ڪئي ۽ اتي لڳل تنبو ۽ قيمتي سامان به کڻي ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔