طالبان حامد ڪرزئي انٽر نيشنل ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪري ڇڏيو

ڪابل: افغانستان تي ڪنٽرول کانپوءِ طالبان جي طرفان حڪومت ٺاهڻ جو عمل جاري آهي ته اتي مختلف افغان اڳواڻن جي نالن سان منسوب هنڌن جا نالا به تبديل ڪيا پيا وڃن. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪابل ۾ قائم حامد ڪرزئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو نالو تبديل ڪيو ويو آهي ۽ هوائي اڏي کان حامد ڪرزئي انٽرنيشنل ائيرپورٽ جو بورڊ به هٽايو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته طالبان حامد ڪرزئي انٽر نيشنل ائيرپورٽ جو نالو تبديل ڪري ڪابل انٽر نيشنل ائيرپورٽ رکي ڇڏيو ۽ هن حوالي سان سوشل ميڊيا تي مختلف تصويرون به سامهون گردش آهن پر سرڪاري سطح تي هن جي تصديق ناهي ٿي گهي. ذريعن جو چوڻ هي ته طالبان افغانستان جي هڪ مشهور فيلڊ مان طابان مخالف مرحوم افغان ويڙهاڪ احمد شاهه مسعود جي تصوير به هٽائي ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔