وزيرن جو رويو دهشتگرداڻو ۽ انتهائي مذمت جوڳو آهي: شهباز شريف

اسلام آباد: پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سينيٽ جي پارلياماني معاملن واري ڪميٽي ۾ حڪومت جي ڌمڪين جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو آئڊيا رد ڪرڻ کانپوءِ حڪومت ڌمڪين تي لهي آئي آهي. هڪ بيان ۾ شهباز شريف چيو ته حڪومت کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان ڪو به خطرو ناهي، ثابت ٿي ويو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اٿاريل ٽيڪنيڪل سوالن جو جواب حڪومت وٽ ناهي.شهباز شريف چيو ته اليڪشن ڪميشن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت ٺوس ۽ واضح ٽيڪنيڪل ۽ قانوني اعتراض اٿاريا ۽ شفافيت جي مسئلن جي نشاندهي ڪئي جنهن جو حڪومت وٽ ڪوبه جواب ناهي.هن وڌيڪ چيو ته پهريون قانون پارليامينٽ ۾ بلڊوز ڪيو ويو ۽ اڄ اليڪشن ڪميشن جي نمائندن کي حڪومت جي رويي تي واڪ آئوٽ ڪرڻو پيو۔ مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته وزيرن جي ادارن کي باهه ڏيڻ ۽ انهن کي دوزخ ۾ وجهڻ جي ڳالهه رياست مخالف رويو آهي، هي رويو دهشتگرداڻو ۽ انتهائي قابل مذمت آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔