لاهور ۾ برسات سبب ڪيترائي فيڊر ٽرپ، ڪراچي ۾ اڄ به برسات جي اڳڪٿي

لاهور: موسميات کاتي اڄ به ملڪ ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته لاهور ۾ صبح کان وٺي تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي.

موسميات کاتي موجب اسلام آباد، پنجاب، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، ڪشمير، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان اڄ به برسات جو امڪان آهي. لاهور ۾ صبح جو سوير ٿيندڙ تيز برسات سبب هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿي رهي آهي. لاهور ۾ صبح سوير تيز برسات سبب بجلي جو نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي. 100 کان وڌيڪ فيڊر ٽرپ ٿي ويا ۽ شهر جي مختلف علائقن ۾ بجلي بند آهي.

لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪارپوريشن(ليسڪو) جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته برسات رڪجڻ کان پوءِ بجلي جي بحالي تي ڪم شروع ٿيندو.  هوڏانهن موسميات کاتي ڪراچي ۾  به 24 ڪلاڪن دوران کنوڻ سان هلڪي برسات ۽ بوندا باندي جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ موسم جهڙالو  رهندو جنهن سبب  ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات جو امڪان ظاهر آهي. شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو  امڪان آهي.ڪراچي ۾ هلندڙ هوائن جي رفتار 18 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔