ڪراچي ۾ جمعي واري ڏينهن ڪاروبار جي بندش ختم، مارڪيٽون کلي ويون

ڪراچي: ڪراچي ۾ جمعي جي ڏينهن ڪاروبار جي بندش ختم ڪئي وئي آهي. جنهن کان پوءِ مارڪيٽون ۽ دوڪانون کلي ويون.

سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ جمعي جي ڏينهن ڪاروبار جي بندش ختم ڪري ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ مختلف مارڪيٽن ۾ ڪاروباري سرگرميون شروع ٿي ويون آهن. زينب مارڪيٽ، گل پلازه، طارق روڊ، حيدري، صدر، بولٽن مارڪيٽ ۾ ڪاروباري سرگرميون جاري آهن.

ان حوالي سان ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته واپارين کي اڄ جمعي جي ڏينهن مارڪيٽون کولڻ جي لاءِ چئي ڇڏيو آهي. هاڻ هفتي ۾ صرف آچر جي ڏينهن مارڪيٽون بند رهنديون. ان حوالي سان واپاري اڳواڻن چيو ته واپاري ايس او پيز جو خيال رکندا. سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون جنهن اسان کي ڪاروبار جي اجازت ڏني

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔