شاھ لطيف يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن وارو معاملو:وڏي وزير ۽ ٻين کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر، شاهه لطيف يونيورسٽي جي رٽائرڊ ملازمن کي پينشن جاري نه ڪرڻ تي وڏي وزير مراد علي شاهه، وي سي، ڪنٽرولر ۽ ڊائريڪٽر فنانس کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آھن. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر ۾ شاھ لطيف يونيورسٽي جي رٽائرڊ مالزمن کي پيشن جاري نھ ٿيڻ بابت ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران وڪيل ٻڌايو ته عدالت يونيوسٽي انتظاميا کي 6 مهينا اڳ پينشن جو معاملو حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، حڪم تي عملدرآمد نه ٿيڻ تي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ٿيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔