سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 976 نوان ڪيس ظاهر، 16 مريض حياتيون وڃائي ويٺا

ڪراچي: سنڌ ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 976 نوان ڪيس ظاهر، 16 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 871 مريضن ڪورونا وائرس کي شڪست ڏئي صحتيابي ماڻي ورتي آهي. ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا صورتحال بابت پڌرائي جاري ڪندي چيو آهي ته هن وقت 48501 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، جن مان 47672 مريض گھرن ۾، 40 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 789 مريض مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. وڏي وزير چيو ته 709 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي. 54 مريض وينٽيليٽر تي پيل آهن. وڏي وزير چيو ته 24 ڪلاڪن دوران رڳو ڪراچي ڊويزن ۾ 360 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. حيدرآباد ۾ 120، ڄامشوري ۾ 64، سانگھڙ ۾ 61، بدين ۾ 37، مٽياري ۾ 31، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن ۾ 30_30، ڪشمور ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ 25_25، گھوٽڪي ۽ ٺٽي ضلعن ۾ 21_21، لاڙڪاڻي ۾ 20، شڪارپور ۾ 19، سکر ۾ 18، نوشهروفيروز ضلعي ۾ 16، جيڪب آباد ۾ 15، ٽنڊوالهيار ۾ 11، خيرپور ۾ 8، سجاول ۾ 7، دادو ۾ 3، شهيد بينظيرآباد ۽ ٽنڊومحمد خان ضلعن ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔