سپريم ڪورٽ ۾ جونيئر ججز جي مقرري خلاف سموري ملڪ جا وڪيل سراپا احتجاج

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ ۾ سينارٽي کي نظر انداز ڪري جونيئر ججز کي مقرر ڪرڻ جي خلاف سموري ملڪ ۾ وڪيلن هڙتال ڪئي ۽ عدالتن ۾ پيش نه ٿيا.

پاڪستان بار ڪائونسل، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن، خيبرپختونخواهه بار ڪائونسل، سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن سميت مختلف تنظيمن جي سڏ تي وڪيلن عدالتي بائيڪاٽ ڪيو. هنن عدالتن جي مُک عمارتن  جا دروازا بند ڪري ڇڏيا. وڪيلن جي هڙتال سبب  مختلف ڪيسن جون ٻڌڻيون متاثر ٿيون. عدالتي عملو وڪيلن ۽ سائلين جا نالا سڏيندو رهيو جيڪي پيش نه ٿيا. جنهن سبب ڪيترن ئي ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي ڪيون ويون. عام طور تي سپريم ڪورٽ جا وڪيل هڙتال نه ڪندا آهن، آخري ڀيرو افتخار چوڌري جي بحالي واري تحريڪ ۾ وڪيلن سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪيو هو پر اڄ وڪيلن طرفان سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي جو به بائيڪاٽ ڪيو ويو.

وڪيل احتجاج لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ٿيا ته ان موقعي تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي هئي ۽ سيڪيورٽي کي نظر ۾ رکندي ڪورٽ جي پارڪنگ به بند ڪئي وئي. وڪيلن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ روايتي طريقيڪار جي تحت سينارٽي جي بنياد تي ججز مقرر ڪيا وڃن. اسان جو احتجاج پرامن آهي. وڪيلن چيف جسٽس جي خلاف نعريبازي به ڪئي. وڪيلن جي احتجاج سبب چيف جسٽس جي سامهون ڪنهن به ڪيس جو جوابدار يا وڪيل پيش نه ٿيو. ٻن ڪيسن ۾ صرف سرڪاري وڪيل پيش ٿيا. جنهن سبب سپريم ڪورٽ ۾ بينچ نمبر هڪ جي ٻڌڻي ختم ٿي وئي.

هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عائشه اي ملڪ کي سپريم ڪورٽ آڻڻ جي حوالي سان چيف جسٽس پاڪستان گلزار احمد جي سربراهي ۾ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيندو. اجلاس ۾ جسٽس عائشه اي ملڪ کي سپريم ڪورٽ جو جج بنائڻ تي غور ڪيو ويندو. جسٽس عائشه اي ملڪ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سينارٽي تي چوٿين نمبر تي آهي. جسٽس مشير عالم جي رٽائرمينٽ بعد سپريم ڪورٽ ۾ جاءِ خالي ٿي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔