موسميات کاتي ڪراچي ۾ اڄ به برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

ڪراچي: موسميات کاتي اڄ به ڪراچي ۾ وڌيڪ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان موسميات کاتي چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ به کنوڻ سان وڌيڪ برسات جو امڪان آهي. ٻنپهرن کان برسات کان سلسلو شروع ٿي سگهي ٿو.

موسميات کاتي موجب گذريل ڏينهن سڀني کان وڌيڪ برسات سرجاني ٽائون ۾ 58 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. نارٿ ڪراچي 51، جناح ٽرمينل 2.8، پي ايف بيس فيصل 2، ڊي ايڇ اي فيز ٽو ۾ 1.6، سعدي ٽائون 13.4 ۽ اولڊ ايئرپورٽ تي 1.5، اورنگي 37، ناظم آباد 32، پي اي ايف بيس مسرور 17 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. جڏهن ته ڪياماڙي 15، يونيورسٽي روڊ 8.2، گلشن حديد 4 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. رات دير سان پوندڙ برسات سبب ڪيترن ئي علائقن جا روڊ پاڻي هيٺ اچي ويا.

ٽاور کان ايم اي جناح روڊ ويندڙ روڊ تي پاڻي جمع ٿي ويو. واٽر پمپ کان گلبرگ چورنگي ڏانهن ويندڙ روڊ پاڻي هيٺ اچي ويو. لنڊي ڪوٽل چورنگي ويجهو نالي جو پاڻي روڊ تي اچي ويو. لياقت آباد 10 نمبر جي روڊ تي به برساتي پاڻي موجود آهي. جڏهن ته نيپا چورنگي، گلشن اقبال کان پاڻي ڪڍيو ويو آهي. سفاري پارڪ جي چوڌاري روڊن وٽ پاڻي جي نيڪالي جو ڪم جاري آهي. واضح رهي ته موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته برساتن جو اهو سلسلو 11 سيپٽمبر تائين جاري رهي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔