سنڌ ۾ ٽِن سالن دوران جاري ٿيل ڊوميسائل جي نئين سر جاچ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ ۾ ٽِن سالن دوران جاري ٿيل ڊوميسائل جي نئين سر جاچ جو حڪم ڏنو ويو آھي، جعلسازي ۾ ملوث آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جِي هدايت ڪئي وئي آھي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڊوميسائل جي جاچ پڙتال لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، ٻن مهينن اندر تفصيل گڏ ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آھي وڏي وزير جي صدارت هيٺ ڪابينا اجلاس ۾ حيدرآباد ۽ سکر ۾ ايڊيشنل آءِ جيز پوليس جون پوسٽس ايڊيشنل آءِ جي ٽريننگ ۽ ريسرچ ڊولپمينٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي، مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ عورتن، اقليتن ۽ ٻارڙن خلاف ڏوهه برداشت نه ڪندس، پوليس ۽ لاڳاپيل وزير فوري طور مسئلا حل ڪن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔